پکڙا ۽ پنهوار

پکڙا ۽ پنهوار

پکڙا ۽ پنهوار

پکڙا ۽ پنهوار (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌ جي عوامي ۽ انقلابي شاعر عبدالڪريم گدائيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. هن مجموعي جي غزلن، گيتن، نظمن ۽ بيتن ۾ سال 1958ع کان وٺي مارشل لا جي وٺ پڪڙ ۽ ٻڪر ٻوساٽ واري تيرهن سالن جي عرصي ۾ مادر وطن سنڌ جي سٻاجهڙن، سانگيئڙن جي حقن کي، اسلامي مساوات ۽ برادريءَ جي آڙ ۾ جيڪي ڌاڙا لڳا، ناانصافيون ۽ ڏاڍ ٿيا، سنڌي نوجوان شاگردن ۽ شاگردياڻين پنهنجي مٿن سان ڪفن ٻڌي سنڌ جي سينڌ کي سرخي ڏني ۽ انهن سان گڏوگڏ سنڌ ڌرتيءَ جي جيالن هارين جيڪي جيلن جون سختيون سٺيون، انهيءَ دور جي ماحول جي جهلڪ نظر ايندي. 136 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت پنج رپيا آهي، هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو فيبروري 1975ع ۾ ضلعي ترقياتي ايسوسيئيشن جيڪب آباد ڇپائي پڌرو ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو